عـاقـب جـاويـد

عـاقـب جـاويـد

عـاقـب جـاويـد

عـاقـب جـاويـد: هي ڪرڪيـٽ رانـد جو ناميـارو رانديگـر، 5 آگسٽ 1972ع تي شيخوپوره ۾ ڄائو. ڪرڪيٽ راند ۾ ليفٽ آرڊر بئٽسمئن ۽ رائٽ آرم فاسٽ ۽ ميڊيم بائولر جي سڃاڻپ رکندڙ هن رانديگر 1988ع کان 1996ع تائين ٽيسٽ ڪيريئر جون 21 ميچون کيڏيون، جنهن ۾ 100 رنسون ٺاهيائين. سندس سڀ کان وڏو اسڪور 28 رنس ناٽ آئوٽ آهي. عاقب جاويد ٽيسٽ ميچن ۾ 51 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان سواءِ هڪ راند ۾ بالنگ ڪندي 84 رنسن عيوض 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيائين. هن 1988ع کان 1997ع تائين ون ڊي انٽرنيشنل ڪيرئير ۾ ڪل 139 ميچون کيڏيون، جنهن ۾ 252 رنسن جو اسڪور ڪيائين. ون ڊي ۾ سندس سڀ کان وڏو اسڪور 45 رنسون ناٽ آئوٽ رهيو. ون ڊي ۾ هن 19 ڪيچ ورتا، 157 رانديگرن کي آئوٽ ڪيائين. هن بهترين بالنگ ڪندي 37 رنسن عيوض ست وڪيٽون حاصل ڪيون. 98-1997ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏي ويندڙ ڪرڪيٽ راند ۾ پاڪستان اها ميچ کٽي ورتي هئي. ان ميچ ۾ عاقب جاويد چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. کيس ان ميچ جو ‘مين آف دي ميچ’ قرار ڏنو ويو هو. هن 1997ع ڌاري ڪرڪيٽ راند تان رٽائرمينٽ ورتي. هن وقت لاهور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.08.05  عيسوي

عـاقـب جـاويـد 5 آگسٽ 1972ع تي شيخوپوره ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفري ضمير
خسرو خان چرڪس
ڏگو نور محمد
روشن علي شاهه روشن
پائلو بياجي
رئيس امروهوي
اسحاق ابڙو ڊاڪٽر
سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني
سومر فقير هنڱورو
خواجه خطير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون